سنڌين Sindian

سنڌين (Sindian: انگريزي اخبار): سنڌ مان نڪرندڙ ٻيو نمبر پراڻي اخبار ’سنڌين‘ 1983ع ڌاري جارج بيز جي سرپرستيءَ ۾ ڪراچي مان جاري ٿي. هيءَ اخبار انگريزيءَ ۾ هئي، جيڪا اربع ۽ ڇنڇر جي صبح جو شايع ٿيندي هئي. هن اخبار جي ڪراچي بندر روڊ تي هڪ بنگلي ۾ آفيس قائم هئي. هن اخبار جي ترقي ۽ سهڪار لاءِ ان وقت جي انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر ڪافي مدد ڪئي. اخبار کي مالي مدد ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڇپائي جو تمام گهڻو حصو اخبار جي اداري کي ڏياريائين. ’سنڌين‘ جو مئنيجنگ ايڊيٽر جارج بيز ۽ پهريون ايڊيٽر جان برگس 1854ع ۾ سنڌين کي ڇڏي پنهنجي الڳ اخبار جاري ڪرڻ شروع ڪيائين، ان کانپوءِ فئبر، ڪئوناگ ۽ ايڊورڊ وليم اسٽرينج سميت ٻيا ڪيترائي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا. 1862ع ۾ هينري جيڪب هن اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ فرائض انجام ڏنا. 1877ع ۾ سنڌين جو نالو بدلائي ’بيڪن‘ رکيو ويو. اخبار جي قيمت في ڪاپي هڪ روپيو هئي. هي اخبار ان دؤر جي انگريزي اخبارن مان سڀ کان گهڻو وقت هلي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو